اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اتر وز??رستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قو?? پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن بهادر جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قو?? کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قو?? پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.