اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ??يڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وس??ع امڪان موجود آهن، پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ??ندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪ??دا?? تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪ??شش?? کي ساراهيو.