اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين?? صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پ??ڪس??ان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پ??ڪس??ان جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جت?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پ??ڪس??ان جو اعزاز عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پ??ڪس??ان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيراعظم کي هلال پ??ڪس??ان جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پ??ڪس??ان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين جي نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ??يو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پ??ڪس??ان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.