اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي 10 سالن جي ت??ريبن تحت پاڪستان ۽ چين ٻطرفي تعاون کي ??ڌي?? وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي 6 ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. انهن معاهدن تي صحيحون وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ هڪ تقريب دوران ڪيون و??ون. واضح رهي ت?? چين جو نائب وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري ت?? پاڪستان اچي چڪو آهي. جتي هو سي پيڪ جي 10 سالن جي ت??ريبن ۾ شريڪ آهي. ان حوالي سان تقريب جو خصوصي اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيني نائب وزيراعظم، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ م??تلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ چين جي اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي 11 هين اجلاس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون و??ون. اهو دستاويز 27 آڪٽوبر 2022ع تي 11 هين جي سي سي اجلاس جي فيصلن ۽ نتيجن تي ٻڌل هو. ان تي چين جي قومي ترقي ۽ سڌاراجاتي ڪميشن (اين ڊي آر سي) جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال صحيحون ڪيون ه??ون. ٻين مفاهمت جي ياداشتن ۾ سي پيڪ جي فريم ورڪ جي اندر ماهرن جي مٽاسٽا جو مڪينزم قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. ان مفاهمت جو مقصد ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ علم جي مٽاسٽا کي آسان بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ چين جي اين ڊي آر ايف جي وچ ۾ ماهرن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار قائم ڪرڻ هو. ان جو مقصد چين پاڪستان صلاحيت سازي جي تعاون جي لاءِ فڪري حمايت ۽ م??اورت حاصل ڪرڻ ۽ چيني ماهرن جي پاڪستاني حڪومت ۽ ڪاروباري ادارن سان گهرائي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو، جنهن ۾ چين جي تجربي جي حصيداري، چيني حل ۾ تعاون ۽ پاڪستان کي عالمي معيارن تي ??ڌي?? وقت سر ۽ موثر طريقي سان پورو لهڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو. ان مفاهمت جي ياداشتن تي اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ صحيحون ڪ??ون. پاڪستان مان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول تي پڻ صحيحون ڪيون و??ون. پروٽوڪول ۾ پاڪستان کان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان پروٽوڪول جي صحيحون ڪندڙن ۾ چين جي ڪسٽمز جي جنرل ايڊمنسٽريشن پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جو سيڪريٽري ظفر حسن هو. ??ڌي?? اهو ته ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي فزيبلٽي اسٽڊي فائنل رپورٽ کي ٻيهر جوڙڻ جي اعتراف بابت مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون و??ون. ان دستاويز ۾ ايچ ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي ٻيهر ترتيب جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي حتمي رپورٽ جي وصولي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ان دستاويز تي چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر پلاننگ مسٽر عاصم امين صحيحون ڪ??ون. آل چائنا فيڊريشن آف ٽريڊ يونينز ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان جي وچ ۾ سي پيڪ انڊسٽريل ڪوآپريشن جي دائري تحت مزدورن جي مٽاسٽا جي پروگرام کي مضبوط بڻائڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون ته جيئن مهارت جي لاءِ سي پيڪ منصوبن سان واڳيل افرادي قوت جي ايڪسچينج پروگرامز کي فروغ ڏئي سگهجي، ترقي، فني تربيت، زبان جي ڪورسز، SEZs جي ترقي ۾ چيني تجربي جي حصيداري بامعنيٰ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري اهو ايم او يو چين صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ چيني دانشوراڻي تعاون جي ذريعي SEZs جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ۾ مقامي صنعتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سي پيڪ جي افرادي قوت جي هڪجهڙائي کي ??ڌي?? وڌايو ۽ سي پيڪ صنعتي تعاون جي ذريعي تصور ڪيل چيني صنعتي چرپر کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هنرمند ليبر جي ضرورتن جي حمايت ڪئي. ڇهين مفاهمت جي ياداشت تي (ايم ايل ون) پراجيڪٽ کي فروغ ڏيڻ تي فني ڪميٽين جي 21 هين ڪانفرنس جي منٽس جي اعلان تي صحيحون ڪيون و??ون. ايم ايل ون منصوبو، سي پيڪ جو هڪ اهم عنصر، پاڪستان جي چرپر جي نظام کي تبديل ڪرڻ جو واعدو رکي ٿو.