نانجنگ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪالهه سومر ڏينهن چين جي شهر نانجنگ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ج?? اهتمام هيٺ ٽي??يويزن فيسٽيول 2023ع ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير سان چين جي نيشنل ريڊيو ۽ ٽي??يويزن واري وزير ثائو شومي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٽي??يويزن فيسٽيول منعقد ڪ??ڻ تي چيني وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي وزيرن ريڊيو ۽ ٽي??يويزن جي صنعت ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ صحافين جي مٽاسٽا کي فر??غ ڏيڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي تي Chinese Hour شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيني ميڊيا جي پاڪستان ۾ سرگرمين کي فر??غ ڏيڻ تي زور ڏنو.