اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڪ چين دوستي جي ل??زوال مثال سي پيڪ منصوبي کي 10 سال مڪمل ٿي ويا. 2013ع ۾ ??اڪ چين دوستي کي وڌيڪ بلندين تي وٺي وڃڻ جي ل??ءِ سي پيڪ منصوبي جو بنياد رکيو ويو، سال 2023ع ۾ سي پيڪ منصوبي کي هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿي چڪو آهي. تفصيل موجب بيجنگ هن سال سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي تاريخي بي آر آئي (بيلڊ اينڊ روڊ انيشي ايٽو) جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ هڪ جامع دستاويز جاري ڪيو آهي، بي آر آئي 21 هين صدي جو هڪ ڊگهي مدي وارو، عالمي ۽ منظم منصوبو آهي. بي آر آئي پراجيڪٽس تحت چين قرضن جي فراهمي کانسواءِ ماحولياتي ۽ سماجي فائدن کي پڻ اولين ترجيح ڏني آهي. 2013ع کان 2022ع تائين چين ۽ مختلف ملڪن جي بي آر آئي پارٽنر جي وچ ۾ روانگي واپار ۽ آمدني واپار جو مجموعي قدر 6.4 سيڪڙو جي سراسري ساليانو واڌويجهه جي شرح سان گڏ 19.1 ٽريلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان ۾ سي پيڪ جي اهتمام هيٺ وڏا منصوبا جاري آهن جن ۾ پشاور ڪراچي موٽروي (سکر – ملتان سيڪنڊ)، قراقرم هائي وي فيز 2 (حويليان – ٿاڪوٽ سيڪنڊ)، ۽ لاهور اورنج لائين ميٽرو جا منصوبا شامل آهن. سي پيڪ تحت ساهيوال، پ??رٽ قاسم، ٿر ۽ حب ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس جا منصوبا مستقل ڪم ڪري رهيا آهن. رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون جامع ترقي ??ي مرحلن ۾ پهچي چڪو آهي جڏهن ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ گوادر پ??رٽ ترقي ??ون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح چيني انٽرپرائيزز پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيا آهن. ان کانسواءِ سي پيڪ جي مد ۾ چين پاڪستان ۽ ٻين حصيدار ملڪن سان هڪ ”سنگل ونڊو“ آپريشن جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان سرحدي بندرگاهن تي ڪسٽم ڪليئرنس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو پيو وڃي. چين جي هوالونگ نيوڪليئر ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جا K2 ۽ K3 يونٽ مڪمل ٿي چڪا آهن. چين جي ڊوميسٽڪ اسٽاڪ ۽ فيوچر ايڪسچينج ايڪويٽي، پروڊڪٽس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ايف ڊيز ۾ پريڪٽس ڪارپوريشن کي مختلف شهرن ۾ مسلسل فروغ ڏنو آهي.