باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هي?? اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. نگران پرڏيهي وزير آذربائيجان ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پ??ڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.