اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چو??ڊن ۾ دير جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته ال??ڪش?? ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چو??ڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چو??ڊن جي حتمي تاريخ ال??ڪش?? ڪميشن ڏيندي، ال??ڪش?? ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، نواز شريف سي??يئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي، هر هڪ کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چو??ڊ ناهي ڪئي، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينلز ”آج نيوز“ ۽ ”سنو نيوز“ جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چو??ڊون ڪرائڻ بابت پٽيشن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت ال??ڪش?? ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي جڏهن ته حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو. هن چيو ته صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چو??ڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري ال??ڪش?? ڪميشن جي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت قائم ٿي آهي، اسان جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هن چيو ته ڪنهن جي بيگناهي ۽ سزا جو فيصلو عدليه کي ڪرڻو آهي جڏهن ته آئين موجب هر شخص کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪنهن کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته نواز شريف سي??يئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته اسان امن امان کي قائم رکون، ڪنهن به قسم جي بدانتظامي يا سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چو??ڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جو تاثر صحيح نه آهي، ال??ڪش?? ڪميشن پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته ال??ڪش?? ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چو??ڊون ڪرائڻ جو چيو آهي جڏهن ته حتمي تاريخ طئي ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته ال??ڪش?? ڪميشن پنهنجي ڏنل شيڊيول عمل ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين کي چو??ڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته هر سياسي پارٽي جو پنهنجو هڪ موقف هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ڪو اڳواڻ ڪابينا ۾ موجود نه آهي. هن چيو ته چو??ڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ال??ڪش?? ڪميشن ڪندي جڏهن ته ان کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جا وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. نجڪاري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چو??ڊ ناهي ڪئي، گذريل ح??ومت ۽ پارليامينٽ پاران منظور ٿيل فهرست موجب نجڪاري تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته نجڪاري وارو نگر??ن وفاقي وزير ان حوالي سان شاندار انتظامي تجربو رکي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته رياستي ميڊيا سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏئي رهي آهي، پي ٽي وي تي سمورين پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ملي رهي آهي.