مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي پروقار قومي تقريب جي پڄاڻي قا??ونساز اسيمبلي جي اسپيڪر لطيف اڪبر چوڌري ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو. اتي موجود عوام کيس پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو، ميڊيا کانئس انٽرويو ڪيا، شاگردن ۽ شاگردياڻين نوجوانن ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرايا ۽ پنهنجا مسئلا پڻ ٻڌائيندا رهيا. اه?? ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر گادي واري شهر جي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پنهنجي چيمبر ۾ هر و??ت موجود رهندي نه رڳو پنهنجي چونڊ تڪ پر پ??ري آزاد ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ مان آيل وفدن سان ملاقاتون پڻ ڪري ٿو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿو جنهن جي ڪري حڪومت جي نيڪ نامي ۽ عوامي ڌرين ۾ اعتمادسازي کي فروغ ملي ٿو.