مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت مودي جي انتهاپسنداڻي پاليسين جي ڪري عالمي دهشتگرد طور سامهون آيو آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو ۽ مودي ڀارت جو گوربا چوف ثابت ٿيندو، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀاريت فوج ڪشمير تي قابض ٿي هئي، ڪشميري ان ڏينهن کي پوري دنيا خاص طور تي لنڊن، نيويارڪ، برسلز، پيرس، برلن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪاري ڏينهن ??ور ملهائيندي احتجاجي مظاهرا ڪن، اسرائيل پاران غزه ۾ بيگناهه فلسطينين تي بمباري جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عالمي برادري اسرائيل کي فلسطينين تي بمباري کان روڪي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير آزادي جو بيس ڪئمپ آهي ۽ هت??ن اسان پوري شدت سان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، اڄ آز??د ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان جي بزرگن غازي ملت سردار محمد ابراهيم خان جي قيادت ۾ هي خطو آز??د ڪرايو، هيستائين پهچڻ ۾ شهيدن جو رت، عصمت مآب عورتن جي قربانين ۽ هجرتن جو هڪ سفر پڻ شامل آهي، تاريخ گواهه آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سدائين ڏاڍ جي خلاف جدوجهد ڪئي، سکن جي خلاف مزاحمت ۾ سبز علي خان ۽ ملي خان پنهنجون کَلُون ڇڪرايون ۽ آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي رت سان سنواريو، انهن ??ا سر قلم ڪيا ويا پر انهن ??لم جي اطاعت نه ڪئي، ڊوگره ظلمن جي خلاف پڻ ڪشميرين جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو، اڄ انهن ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن ??هي، والاريل ڪشمير جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته آز??د ڪشمير جو هر ٻار انهن جي جدوجهد ۾ انهن ??ان گڏ بيٺل آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀارتي قبضي کان آزادي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد جي هاءِ ڪورٽ گرائونڊ ۾ آز??د ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزير، اسيمبلي ميمبر، سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرل پوليس، اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جو وڏو انگ پڻ شريڪ هو. ان موقعي تي آز??د ڪشمير ۽ پاڪستان جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جو قيام رڳو اتفاق نه هو پر اسان جي ابن ڏاڏن هن ??طي مان طاقت جي زور تي مهاراجا جي ڊوگره فوج کي ڀڄائي اڄ جي ئي ڏينهن ??ازي ملت سردار محمد ابراهيم خان جي قيادت ۾ انقلابي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو هو، آزادي جي لاءِ ڪشميري عوام تاريخي جدوجهد ڪئي، اڄ اس??ن انهن مجاهدن ۽ غازين کي جن ايمان جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري آزادي جو ڏيئو روشن ڪيو کي سلام پيش ڪريون ٿا، آزاد حڪومت جي قيام جو بنيادي مقصد هڪ بيس ڪئمپ جي حڪومت طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي پڻ آز??د ڪرائڻ هو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڄ به ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گر آهي، 96 هزار کان وڌيڪ عام ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، 8 هزار کان وڌيڪ اجتماعي قبرُون ڳوليون ويون آهن، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڀارت جي قابض فوج گم ڪيا آهن، 22 هزار عورتون بيواهه ڪيون ويون، لکين ٻار يتيم ڪيا ويا، حراست دوران ڪشميرين کي شهيد ڪيو پيو وڃي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر چيو ته اڄ جتي آزاد حڪومت جو يوم تاسيس ملهائڻ جو ڏينهن ??هي اتي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي پڻ ضرورت آهي ته ڇا اسان آزادي جي بيس ڪئمپ ۾ 24 آڪٽوبر 1947ع تي جن مقصدن جي لاءِ هي حڪومت قائم ڪئي هئي، اهي مقصد حاصل ٿيا يا نه، حڪومت جي ڪارڪردگي جو فيصلو عوام ڪري ٿي، آزادي جي بيس ڪئمپ ۾ حڪومت جي قيام جو مقصد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير کي ڀارتي قبضي کان آزادي ڏيارڻ آهي.