اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پولي??ڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربن?? فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني ع??ام پاران پولي??ڊ جي حڪومت ۽ ع??ام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پولي??ڊ جا سفارتڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولي??ڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي پاڪستان جي ع??ام کي فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي??ڊ جي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربن?? فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پولي??ڊ جي سفارتخاني پاران منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ باقاعده مشاورت سان مختلف سطحن تي تعاون جي راهه هموار ٿي جيڪا حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولي??ڊ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ پولي??ڊ جي اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني جو انتهائي اهم ڪردار آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ع??ام پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولي??ڊ جي پائليٽس جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي، خاص طور تي ايئر ڪموڊور تورووچ جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته بهاره ڪهو بائي پاس جو نالو تورووچ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاسي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، گذريل سال ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو 899 ملين ڊالر هو، اسان کي ان ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن پاڪستان ۾ پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني (PGiNG) جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري رهيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو مقصد کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي، پولي??ڊ جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان جون پولينڊ سان اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪيترائي غور هيٺ آهن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته تازو ئي سفارتي پاسپورٽ جي لاءِ ويزا جي شرط جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ٿيون ۽ ان تي عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙا معاهدا لازمي آهن.