اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ام??د ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ا??يڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪر??ار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.