اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ?? گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگ??ان وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ?? گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگ??ان وزيراعظم انفراسٽ??ڪچ?? جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوشش?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌري?? کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوشش?? کي ساراهيو.