اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چ??ن جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چ??ن جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي ت??قي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي وزير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چ??ن جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ت??قي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ت??قي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چ??ن جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ت??قي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ت??اون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چ??ن جي ت??اون کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني ت??ربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي ت??اون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چ??ن جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان قومي ت??قي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چ??ن جو ٿورائتو آهي. چ??ن جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي ت??ريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چ??ن جي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.