اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه ??هي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدا??ت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ر??فرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو ع??ل تيز ٿي سگهي ٿو.