اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ??رڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي حقيقت کي تسليم ??رڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊرو سانچيز ۽ اسپين جي ما??هن معص??م فلسطينين تي اسرائيل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غاصباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معص??م فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ان جي گادي ??ارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.