اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عالمي امن قائم ڪرڻ جي راهه ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪستاني شهيدن ۽ حياتي ڏيندڙ ٻين ملڪن جي فوجين کي خراج عقي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيرا??ظم چيو ته عالمي تڪرارن جي نتيجي ۾ ڇ??تا?? وارن علائقن ۾ گڏيل قومن جا امن دستا امن قائم ڪرڻ ۽ تسلسل ۽ ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ انتهائي اهم ڪرد??ر ادا ڪن ٿا. ڪالهه اربع ڏينهن وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته گڏيل قومن جي امن دستن ۾ پاڪستانين جي خدمتن جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ڪنهن کان لڪل نه آهي. وزيرا??ظم چيو ته گذريل 64 سالن ۾ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي 2 لک 30 هزار جوانن ۽ آفيسرن بشمول 500 عورتن پنهنجو اهم ڪرد??ر ادا ڪيو. مون سميت پوري قوم گڏيل قومن جي امن دستن ۾ عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ 181 پاڪستانين کي خراج عقي??ت پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪندو رهندو. گڏيل قومن جي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ پرامن ۽ خوشحال دنيا جي مقصد کي پورو ڪرڻ جي لا پاڪستان سدائين وانگر سرگرم رهندو.