اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي ??عوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذربائيجا?? جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذربائيجا?? جي ماحوليات ۽ ??در??ي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذربائيجان جي ??در الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قوم?? جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي ??عوتنامي تي آذربائيجان جي ??در جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي ??رپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي ??والي سان آذربائيجا?? جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي ??عوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??عوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي ??مايت جي ??ڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي ??يڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ??رورت?? جي مناسب عڪاسي ڪري.