اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ار?? سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سردار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿ?? و??ي ??هي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪ??ي ??ه الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.