لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئ??مي?? حافظ علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو، سموري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي، يوم استحص??ل ڪشمير جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز، تقريبون، ڪانفرنسون ۽ واڪس منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو. ڀارت ڪشميرين جو استحص??ل ڪندي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، گڏيل قومن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڪشميرين جي حقن تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ان ڪري اڄ 5 آگسٽ تي يوم استحص??ل ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو مسلم امت جو اهم مسئلو آهي، جنهن ۾ بيگناهه مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي، جنهن جو آواز کي نه پيو اچي. هن چيو ته پاڪستاني ڪشميرين جي حق جي ڳالهه ڪري ر??يا آهن پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ڀارت ۾ رهن??ڙ مسلمان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مدد نه ڪري ر??يا آهن، سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.