اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪر?? جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپ??نز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ??لازمن سميت سڀن?? اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.