ڪراچي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي لاءِ مضبوط بح??يه جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بح??يه کي مضبوط بڻائڻو پوند??. ا??وان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪ بح??يه جي ٻيڙي ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪستان ن??وي جي ٻيڙي ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي جهاز پاڪ بح??يه جون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. صدر چيو ته پي اين ايس بابر ۽ حنين جي سامونڊي ٻيڙي ۾ شموليت ملڪي سامونڊي دفاعي صلاحيتون مضبوط بڻائڻ طرف اهم ڪاميابي آهي، جهاز روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ بح??يه جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ڪندا. آصف علي زرداري چيو ته جهاز ترڪيه سان اسان جي مضبوط دوستي، رومانيه ۾ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ تي اعتماد جي علامت آهي، جهازن سان پاڪ بح??يه جي ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام، سامونڊي رستن جي حفاظت ۾ پاڪ بح??يه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ بح??يه واپار جي مسلسل پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ بح??يه ملڪ جي سامونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي، هن پاڪستان جي خودمختياري، امن، خوشحالي ۽ استحڪام برقرار رکن، ملڪ جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي هٿياربند فوج ۽ ش??ري?? جي حوصلي، اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته هٿياربند فوج ۽ ش??ري?? ٻاهرئين جارحيت جي خلاف قوم جو دفاع ڪيو آهي، ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن پاڪستان، ترڪيه ۽ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ جي ٽيمن جا ٿورا مڃيا. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي ڪمانڊنگ آفيسرز ۽ عملي کي خصوصي مبارڪباد ڏني. تقريب کي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته جهازن جي پاڪ بح??يه جي ٻيڙي ۾ شموليت اهم سنگ ميل آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته سامونڊي جهاز پاڪستان، ترڪيه ۽ رومانيه جي وچ ۾ گهري دوستي ۽ تعاون جو مظهر آهن. صدر ان موقعي تي سامونڊي جهازن جي اسڪرولز ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي حوالي ڪئي.