اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه ت??ئي?? رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايشيائي م??ڪ هوندو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي م??صوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پاڪستان ۾ روڊن، ريلوي، پا??يپ ل??ئي??ن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريع?? چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پنهنجي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پاڪستان- ڀارت (تاپي) گئس پا??يپ ل??ئي??، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي م??ائي سگهجي. پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايشيائي م??ڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.