اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ??پريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پر??س ونگ م??جب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي 8 خوارجن کي ماريو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ت?? معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.