نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪش??ير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار ج?? حل ۽ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگ??ند?? جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير ج?? صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. هن سيڪريٽري جنرل تي زور ڏ??و ته هو ڄمون ۽ ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگ??ند?? جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏ??و ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار رياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏ??و. هن سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر ج?? طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.