اسلام آ??اد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪورٽ جي سيني??ر جج جسٽس سي?? منصور علي شاهه کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. وزارت مان جاري بيان موجب سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صدر مملڪت طرفان سپريم ڪورٽ جي سيني??ر جج سي?? منصور علي شاهه کي 26 آڪٽوبر کان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بيان موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت اهڙي ??سم جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.