اسلام آباد-02 آ??ٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ ايم او يو تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت جي م??قعي تي ڪيو. هن چي?? ته روس جي دوري جو مقصد ٻنهي م??ڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ?? مفاهمت وارن يادداشت نامن تي صحيحيون سٺو سنئوڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي وزي?? ا??يڪسي گروز ديو چي?? ته پاڪ – روس بزنس فورم ترقي جون نيون راهون هموار ڪندو. ايم او يو جي تقريب ۾ روس ۾ پاڪستان جي سفير خالد جمالي، روس ۽ پاڪستان جي سينيٽرن سميت ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.