اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شع??ن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شع??ن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ??رو??ت آهي، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شع??ن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ڪرغزستان ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شع??ن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان جي ڪامياب چونڊ ۾ ڪرغزستان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چيو ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪرغزستان جي ترجيح آهي، ڪرغزستان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽ??ڪنالاجي جي شع??ن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. زاپاروف اڪيل بيڪ چيو ته ڪرغزستان جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽ??ڪسٽائيل شع??ي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. هن چيو ته ڪرغز شهرين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آس??ن بڻائڻ تي ٿورا مڃُون ٿا.