اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پارليامينٽ جي ڪنهن به ايوان لاءِ ڪنهن به اميدوار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي آئيني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. درخواست جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني بينچ ڪئي ۽ درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ان کي خارج ڪيو و??و. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس سيد ح??ن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر ا??غان شامل هئا. عدالت درخواستگذر محمد اڪرم کان درخواست جي باري ۾ آئيني بنيادن تي سوال ڪيا ۽ واضح ڪيو ته موجوده نظام ڪنهن به اميدوار کي وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي بنياد تي فاتح قرار ڏنو آهي، چاهي اهي 50 سيڪڙو تائين هجن يا نه. جسٽس محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڪنهن آرٽيڪل تحت ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪندڙ اميدوار کي ناڪام قرار ڏئي سگهي ٿي. جسٽس عائشه ملڪ به پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن وڌ کان وڌ پر 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ کڻندڙ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو و??و ته آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل جي خلاف ورزي هوندي؟ معزز عدالت قرار ڏنو ته موجوده نظام قانوني آهي ۽ جيڪڏهن درخواستگذار قانون ۾ تبديلي چاهي ٿو ته ان کي نئين قانونسازيءَ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ گهرجي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هر شهريءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي پر سپريم ڪورٽ اهل ووٽرز کي پول??گ ۾ حصو و??ڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار گذريل عام چونڊن ۾ پنهنجو و??ٽ نه وِجهڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت غير ضروري قانوني چاره جوئي سان عدالت جو و??ت ضايع ڪرڻ تي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.