اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي ??ورسز جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي جنگ ۾ س??ڪيورٽي ??ور??ز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 15 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??ورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي ??ورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن، مون سميت پوري قوم کي سيڪيورٽي ??ورسز جي فرض شناس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.