اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ پاڪستان بيت المال جي مي??يج??گ ڊائريڪٽر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آه??. ه?? اداري جي آفيسرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي موجوده عوامي ڀلائي جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. ايم ڊي پاڪستان بيت المال سينيٽر ڪيپٽن (ر) شاهين خالد بٽ اداري جي غريب دوست قدمن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ?? هي ادارو وڌيڪ موثر انداز سان ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو. هن چيو ته ملڪ جي مشهور ۽ وڏي عوامي ڀلائي واري اداري جو سربراهه ب??جڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هڪ اهم ذميواري آهي. وزيراعظم مون کي هي عهدو سونپي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ ۽ سڄي ملڪ جي ڏکويل ۽ محروم ماڻهن جي بي لوث خدمت لاءِ پرعزم آهيان.