اس??ام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اس??ام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ال??حمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کان انڪار ڪرڻ غي?? جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا فضل ال??حمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم آهنگي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مولانا فضل ال??حمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا فضل ال??حمان جي ڪوششن کي ساراهيو.