ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي معياري تعليم سان سڌوسنئون واڳيل آهي، تعليمي ادارن کي عالمي معيار موجب معياري تعليم جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ گهرجن. هن اها ڳالهه وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سينٽ ??ي 38 هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.