اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي عو??تن کي زندگي جي سمورن شعبن خاص طور ي واپار، ڪاروبار جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ فنانس ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ عو??تن جي شموليت لازمي آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ عو??تن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي، پر عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اڃا تمام ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي، پاڪستان عو??تن کي بهترين ڪارڪردگي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عو??تن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي هن تقريب ۾ شرڪت سان تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ مضبوط ۽ قابل عو??تن کي ڏسي تمام گهڻو فخر محسوس ڪري رهي آهيان. هن چيو ته اسان هتي عو??تن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۽ هڪ اهڙي دنيا جو تصور ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون جتي صنفي برابري معمول آهي، هي ڏينهن هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم موقعي جي طور تي ڪم ڪري ٿو جيڪو عو??تن جي حقن ۽ عو??مي زندگي جي سمورن شعبن ۾ فيصلاسازي ۾ برابر شرڪت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي آبادي ۾ عو??تن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي پر اسان کي انهن جي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي سلسلي ۾ اڃان تمام ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي، گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس رپورٽ 2022ع موجب پاڪستان معاشي حصيداري ۽ موقعن، تعليم هاصل ڪرڻ، صحت ۽ بقاءَ جي لحاظ کان تمام گهڻو پٺتي آهي پر سياسي طور تي عو??تون تمام گهڻو اڳتي آهن. قائداعظم جو فرمان آهي ”ڪا به قوم ان وقت تائين عروج جي بلندي تي نه ٿي پهچي سگهي جيستائين عو??تون انهن سان گڏ بيٺل نه هجن.“ بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته يو اين ??يومن رائيٽس ايوارڊ يافته بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ 9 سالن جي عمر ۾ سڀ کان گهٽ عمر مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل ارفع ڪريم جهڙين عو??تن چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ٽوڙيو. هن پاڪستان جي اکين کان محروم سفارتڪار صائمه سليم جو ذڪر ڪندي چيو ته هوءَ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، اهڙيون عو??تون اسان سڀني خاص طور تي عو??تن جي لاءِ مشعل راهه آهن، عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جو عمل انهن قدرن کان شروع ٿئي ٿو جن جي پاسداري گهرن ۾ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته قرآن پاڪ ۽ اسان جي دين ??وجب عو??تن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي وڪالت ڪرڻ اسان جو فرض آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستاني عو??تون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن، پهرين ??اڪستاني عو??ت موٽرسائيڪلسٽ زينٿ عرفان کان وٺي ثمينه بيگ تائين، جيڪا سڀ کان وڌيڪ 7 چوٽين کي سِر ڪندڙ پهرين ۽ گهٽ عمر ترين ??سلمان عو??ت آهي، ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته پاڪستان عو??تن کي بهترين ڪارڪردگي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، عو??تن جي احترام جهڙن قدرن کي گهرن ۾ ئي ٻارن کي سيکارڻ ضروري آهي ۽ اسان کي هڪ اهڙي معاشري جي ضرورت آهي جيڪو مهذب معاشري جي ترقي ۾ مدد جي لاءِ عو??تن سان بهتر سلوڪ ڪرڻ جي اهميت کي سمجهي. قومي سطح جي قدمن ۾ عو??تن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ قومي پاليسي، انساني حقن تي هڪ قومي ايڪشن پلان، صنفي برابري جي پاليسي جي فريم ورڪ ۽ عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جا پئڪيجز شامل آهن. هن چيو ته فيصلاسازي ۾ عو??تن کي شامل ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ ماحول ۾ نوڪرين جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن جي لاءِ حڪومت مختلف قدمن ذريعي عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ڪاروبار، فن ٽيڪ، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ فنانس ۾ عو??تن جي شرڪت سان ئي ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان کي قومي ۽ عالمي ايجنسين جي پروگرامن جي ضرورت آهي ته جيئن مائيڪرو انٽرپرائيزز، عو??تن جي چيمبرز ۽ صنعتي اڪيڊمي رابطا قائم ٿين. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، مائيڪرو فنانسن جا موق??ا، زمين ۽ ملڪيت جي وراثت جي حقن سان گڏوگڏ ڪم جي جڳهه تي ڪم جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن جي ذريعي عو??تن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ منهنجي سرپرستي ۾ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عو??تن جي مالي شموليت، معذور ماڻهن ۽ ذهني صحت بابت مسئلن جي حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم ملڪ گير عو??مي آگاهي مهم هلائي وئي جنهن جو مقصد عو??تن ۽ ڇوڪرين کي شروعاتي علامتن بابت آگاهه ڪرڻ آهي، اسان پنهنجي ڪوششن ۾ تازو ئي ڪيل هڪ مطالعي جي طور تي ڪامياب رهياسين، هڪ پبلڪ سيڪٽر اسپتال جي هڪ اسڪريننگ سينٽر انڪشاف ڪيو ته 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ته ميڊيا ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت معلومات جو بنيادي ذريعو آهي. هن چيو ته تحقيق ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته عو??تن جي ڇاتيءَ جي الٽراسائونڊ ۽ ميموگرافي جي اسڪريننگ ۾ گذريل سالن جي مقابلي ۾ سال 2022ع ۾ اٽڪل ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي، اسان پنهنجي ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون. ثمينه علوي چيو ته اسان کي ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جون عو??تون ايتريون مضبوط ٿين جو اهي زندگي جي چئلينجن جو ڀرپور طاقت سان مقابلو ڪري سگهن، عو??تن کي پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشي استحصال کان بچائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي همت نه هارين، ڀلي انهن جو رستو مشڪل ئي ڇو نه هجي، غلطين ??ان سکڻ کانسواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته اچو هڪ خوشحال ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر سطح تي برابري کي اختيار ڪريون ٿا. ان موقعي تي خاتون اول سرينا هوٽلز جي انتظاميا جا ٿورا مڃيا جنهن عو??تن جي عالمي موقعي تي ان موضوع تي تقريب منعقد ڪئي. تقريب جي موقعي تي ثمينه علوي پڻ عو??تن جي وڏي انگ سان گڏ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.