اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر وزارتي اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مشترڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وز??راعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ ان??ن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وز??راعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وز??راعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وز??ر ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وز??ر اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وز??ر ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وز??ر، ٽوگو جي واپار واري وز??ر ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.