ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي ۽ هاڻي اسان جو هدف ان کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ”اڏار پاڪستان“ انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي جنهن سان ملڪ ۾ معاشي خوشحال?? ۽ ??ماجي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي 2024ع ۾ دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهتر ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ هاڻي اسان کي ميڪرو سطح تي استحڪام کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چ??و ته معاشي ترقي اسان جو اصل هدف ۽ هڪ چئلينج به آهي جنهن جي لاءِ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جون تجويزون تمام اهم آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته ڪراچي روشنين جو شهر آه?? ۽ ??سان جي واپار، ماليات ۽ برآمدات جو مرڪز آهي ۽ هن شهر جي سيڙپڪارن جون تجويزون ۽ راءِ اسان جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ لاڀائتيون ثابت ٿينديون. هن ڪاروباري اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن کي وفاقي گادي واري شهر اچڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن معيشت جي حوالي سان ساڻن کلي ڳالهه ٻولهه ٿئي. ٽيڪس وصولي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته گذريل 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جو هدف جي ڊي پي جي تناسب سان 10.5 سيڪڙو هو پر اسان 10.8 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻي وڌيڪ رفتار وڌائڻ جي لاءِ اسان کي بئنڪن کان سرمائي ۽ قرضن جي ضرورت آهي. هن پاليسي ريٽ ۾ 22 سيڪڙو کان 13 سيڪڙو تائين گهٽتائي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪ??و ته اسان پاڻ کي تيار رکي ان کي وڌيڪ هيٺ کڻي وينداسين. هن چ??و ته اسان آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ آهيون ۽ آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن جي پاسداري ڪنداسين. هن چ??و ته جڏهن وقت ايندو ته اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي الوداع چئي ڇڏينداسين پر هن وقت اسان کي هدفن کي حاصل ڪرڻو آهي. هن چ??و ته اسان کي بصيرت ۽ دانشمندي سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ برامدات رکندڙ واڌويجهه کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. وزيراعظم چ??و ته ان ڏس ۾ ٺوس تجويزن ۽ سفارشن جي ضرورت آهي ته اسان روانگي واپار رکندڙ واڌويجهه کي ڪيئن حاصل ڪري سگهون ٿا. هن زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن جو حوالو ڏنو ۽ چ??و ته اسان جي سرزمين جي هيٺ کربين ڊالر جا قدرتي وسيلا موجود آهن. هن چ??و ته تازو ئي هتان جو دورو ڪندڙ اولهندي سيڙپڪارن مٽيءَ هيٺ خزانن جي ڳولا ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آه?? ۽ ??هي خام مال کڻڻ بدران هتي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چ??و ته حڪومت ان سلسلي ۾ توهان جي تعاون ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ملڪ کي ترقي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهون. هن چ??و ته هتي وڏا وڏا واپار?? ۽ ??يڙپڪار موجود آهن جيڪي لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهن ۽ ٽيڪس ڏين ٿا. وزيراعظم نجڪاري جي حوالي سان ڳالهائيندي چ??و ته نجڪاري جو عمل سئو سيڪڙو شفافيت تي ٻڌل آهي. هن چ??و ته مون کي خوشي ٿيندي ته ان حوالي سان توهان ماڻهو تجويزون ڏيون ته ان کي ڪهڙي طرح وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. نائب وزيراعظم چ??و ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن جي انضمام جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي، هن چ??و ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ وڃايل مقام حاصل ڪندو، جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. ناڻ?? ۽ ??وڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چ??و ته ملڪ کي پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل هڪ سال ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، انڊيڪس ۾ 65 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو آه?? ۽ ??ن ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، لسٽڊ ڪمپنين جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ آءِ پي اوز اچي رهيا آهن. هن چ??و ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي سان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چ??و ته آءِ ايم ايف سان ايس بي ا?? ۽ ??وسيعي فنڊ سهولت پروگرام جو بنيادي مقصد ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻو هو جنهن جا بهترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ سبزواري چ??و ته ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي آئي آهي، اسان پنهنجي چيني حصيدارن جا پڻ ٿورائتا آهيون، چيني اسٽاڪ ايڪسچينجز سان اسان جي بهترين حصيداري آهي، اسان چين جي ٽن اسٽاڪ ايڪسچينجز سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن ۽ اسان جي وچ ۾ فني سهڪار جو سلسلو جاري آهي. هن چ??و ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ سال ۾ 80 سيڪڙو جو ريٽرن ڏنو آهي جيڪو مارڪيٽ جي بهترين ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته مارڪيٽ ۾ 525 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، 70 سيڪڙو ٽ??يڊنگ واليوم شريعه ڪمپلائنٽ آهي جڏهن ته هن وقت مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڪاٿو 52.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چ??و ته اسان جي ڪوشش آهي ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن کي 100 ارب ڊالر تائين پهچايو وڃي. هن چ??و ته نئين اسٽارٽ اپس ۽ نئين ڪمپنين جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ بچت ۽ سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان ضروري آهي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڪراچي جي واپاري برادري جا نمائندا ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.