اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني گرو نانڪ ديوجي جي 550 ه??ن جنم ڏينهن جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور راهداري جي بي مثال منصوبي جو صبح ڇنڇر ڏينهن افتتاح ڪندو. ڀارت سميت سڄي دنيا مان سک ياتر??ن جي بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ سک ياتري شرڪ?? ڪندا.