اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار اح??د جي حلف برداري تقريب ۾ سندس والده سرتاج بيگم تمام گهڻي خوش نظر اچي رهي هئي، ايوان صدر ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري جي تقريب ۾ وڏي تعد??د ۾ مهمانن کي دعوت هئي جنهن ۾ ڪجهه خاص مهمانن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي ته جئين اهي ان يادگار تقريب ۾ شريڪ ٿي سگهن، مهمانن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش نظر ايندڙ نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار اح??د جي والده سرتاج بيگم هئي.