اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي جي ڦيٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کا??سواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪري رهي آهي، اين آر او متعارف ۽ فائده کڻندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کا?? پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.