اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏهاڙي تي ڪم ڪ??دڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم ??ني?? پيا وڃن?? واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ واپاري نمائندن سان روزاني جي بنياد ت?? مشاورت جي هدايت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿي??دڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بيروزگار ٿي??دڙ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپارين ۾ ٽ??ڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.