اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عم?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦ??لا??ُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏي??و پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦ??لا??ُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ??يل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦ??لا??ُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦ??لا??ُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.