اسلام آبا?? – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پا??ستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي جنهن سان معيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پا??ستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ?? برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پا??ستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح ??قا??لو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ پا??ستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان ??قا??لو ڪيو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دوران پا??ستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پا??ستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پا??ستانجي دوري جي موقعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پا??ستان جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پا??ستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.