اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر ان??از ڪيو جنهن سان ??وجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي ??قاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان ??يمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ ان??اف جي حڪومت جي پاليسين جو م??ور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان ??فاقي حڪومت لاعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي عوام سان ??وري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ??لندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم س??ڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.