اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هو??وي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس اوي پي هو??وي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لا??ِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هو??وي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو?? وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن ??ي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هو?? وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لا??ِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.