اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽ??ول سسٽم جي تحت مڪ??ل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپ??رڪ?? جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپ??رڪ?? جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپ??رڪ?? جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.