اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ??ي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري خاص طور تي شاگردن ۾ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ تشدد جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪندي انهن جي مثبت سوچ طر?? رهنمائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل وائيس چانسلرز امن ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، نيڪٽا ۽ غيرسرڪاري تنظيم ??عور فائونڊيشن گڏيل حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين ??ي وائيس چانسلرز ۽ تعليمي ماهرن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته يونيورسٽين کي پنهنجي انتظاميا ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تربيتي سيشنز جو باقاعده اهتمام ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن ۾ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي. هن چ??و ته اهڙا قدم شاگردن جي اصلاح کي يقيني بڻائيندا ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر مستقبل، پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر تحقيق تي ٻڌل سکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته تعليم ??ي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فر??هم ڪيا وڃن. هن چ??و ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي هجڻ سان گڏوگڏ موجوده دنيا جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چ??و ته معاشري ۾ سٺن قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ ”فيڪ نيوز“ جي رجحان جي پڻ نشاندهي ڪئي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي صدر چ??و ته ايندڙ نسلن جي تعليم ۽ تربيت ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي. هن معاشري کي باشعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهو تعليم يافته عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چ??و ته تعليم ??ي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فر??هم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ملڪ جو تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چ??و ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چ??و ته معاشري جي اها خواهش هجڻ گهرجي ته هو ان ڳالهه جو اهتمام ڪري ته تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فر??هم ڪري. صدر چ??و ته قائداعظم چيو هو ته عورت کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ مذهب تان هٽڻ کانسواءِ عورت کي معاشري ۾ ان جو مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي لاءِ ضروري آهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورت کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوندو.