اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آه??. نائب وز??راعظم سوشل مي??يا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام ج?? وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آه??. نائب وز??راعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا ج?? وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪندا.