اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه جناح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ??ه فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه جناح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي جناح جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه جناح تحريڪ آزادي جي ??ر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ رهي. فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم ر??ندڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم ر??ي، ??سپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي ??مي??ه سونهري لفظن ۾ يا?? ڪيو ويندو.