راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار ??حمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، ??هائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين ش??يد (عمر 39 سال، ??هائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، ??هائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان ش??يد (عمر 30 سال، ??هائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، ??هائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان ش??يد (عمر 30 سال، ??هائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، ??هائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي ش??يد (عمر 34 سال، ??هائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.