اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو، سميڊا بورڊ سميت اهڙا سمورا ادارا ج??ڪي ملڪي معيشت جي ??اءِ انتهائي اهم آهن، انهن جي بورڊز جي ??ئين سر جوڙجڪ فوري طور تي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم سميڊا بورڊ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سميڊا ج?? بورڊ کي فوري طور تي جوڙڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا ج?? چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ??وري مقرري جي ??اءِ ضروري قدمن جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم سميڊا ج?? حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي ??دايت ڪئي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتن ۾ سب ڪانٽريڪٽنگ کي فروغ ڏيڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته پاڪستاني صنع??ن کي گلوبل سپلاءِ چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم کي سميڊا ج?? معاملن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو سميڊا ج?? لاءِ ڊيولپمينٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 سالن جي ??اءِ 30 بلين رپيا سميڊا ڊيولپمينٽ فنڊ رکيو ويو آهي، جنهن مان 25 – 2024ع جي ??اءِ 5 بلين رپي?? ڏنا ويا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت 5.2 ملين ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار موجود آهن جن جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو 40 سيڪڙو آهي، ملڪ جي 31 سيڪڙو برآمدات ??يس ايم ايز تي منحصر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نان اگريڪلچرل ملازمن کانسواءِ 72 سيڪڙو نوڪريون ??يس ايم ايز سيڪٽر مهيا ڪري رهيو آهي. ??يس ايم ايز سيڪٽر لاءِ هيستائين 491 بلين رپيا بئنڪ ڪريڊٽ جي ??د ۾ فراهم ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ??يس ايم اي سيڪٽر جي ??اءِ بئنڪ ڪريڊٽ کي 800 ملين تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.